راهو علي محمد

راهو، علي محمد: سنڌ جو ناليواري ليکڪ علي محمد جو اصل نالو علي نواز ولد حاجي محمد عثمان راهو آهي. هن جو جنم 28 فيبروري 1928ع تي ڳوٺ راهو، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي بينظيرآباد) ۾ ٿيو. تعليم سنڌي، فارسي، اردو، عربي ۽ انگريزيءَ کانسواءِ سول انجينئرنگ ۾ ڊپلوما ڪيائين. سندس مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شــايــع ٿيل آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’امام زين العابدين‘، (2) ’سرمد شهيد‘، (3) ’مديني کان ڪربلا‘، (4) ’آثار الڪلام‘ ۽ (5) ’انسانيت موت جي دروازي تي‘ (ترجمو) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.02.28  عيسوي

سنڌ جو ناليواري ليکڪ علي محمد جو اصل نالو علي نواز ولد حاجي محمد عثمان راهو آهي. هن جو جنم 28 فيبروري 1928ع تي ڳوٺ راهو، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي بينظيرآباد) ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاءُ الدين ذڪريا
سليمان راڄڙ خليفو
اسد سڪندر ملڪ
بديع الجمال
خالده غوث
امير بيگم ڀٽو
حميده قاضي
صدام حسين
اسحاق ابڙو ڊاڪٽر
بودلو بهار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون